اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس (ر) شائق عثماني چيو آهي ته ائين تحت حڪومت سياسي پارٽي تي پابندي هڻي سگهي ٿي پر ان کانپوءِ لازمي طور تي ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪلڻو پوندو اها ئي فيصلو ڪندي.
هن چيو ته آرٽيڪل 17 موجب ڪو به شخص ڪا به پارتي جوائن ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن پارٽي ملڪي سيڪيورٽي خلاف ڪم ڪندي ته ان تي پابندي لاڳو ٿيندي.
جسٽس (ر) شائق عثماني چيو ته حڪومت اهڙي پارٽي خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، حڪومت کي جاچ ڪري رپورٽ ٺاهڻي پوندي، حڪومت پوءِ رپورٽ سپريم ڪورٽ کي موڪليندي.
ان کانسواءِ قانوندان اعتزاز احسن پي ٽي آءِ تي پابندي بابت موقف کي احمقاڻو فيصلو قرار ڏنو آهي.
هن چيو ته ريفرنس بدنيتي تي آندو ويو آهي، ريفرنس ۾ اهڙو ڦاسندا جو خبر پئجي ويندن.
هن وڌيڪ چيو ته خبر ناهي ڪير هنن کي صلاحون ڏئي رهيو آهي، فارم 45 تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهو سڀ ڪيو پيو وڃي، فارم 45 ۾ ڌانڌلي ڪندڙ پاڻ ڌڪ کائيندا.
You might also like