سنڌ ۾ ترقياتي رٿائن تي ڪيتري رقم خرچ ٿي؟ ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ هڪ سال دوران خرچ ترقياتي رٿائن تي ڪيتري رقم خرچ ٿي انگ اکر سامهون اچي ويا آهن.
رپورٽ موجب، سنڌ ۾ هڪ سوال دوران ترقياتي رٿائن تي ٻه کرب 64 ارب رپيا خرچ ٿيا، گذريل مالي سال 2023-24 دوران 71 سيڪڙو ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
5256 رٿائن تي ٽي کرب 85 ارب مختص هئا 2 کرب 64 ارب جاري ٿيام ٻه کرب 48 ارب خرچ ٿي سگهيا جڏهن ته هڪ کرب 21 ارب بچي ويا، بچي ويل رقم نئين مالي سال 2024-25 ۾ منتقل ٿي وئي.
ترقياتي رٿائن ۾ 3311 اڻپورا ۽ 1945 نوان منصوبا شامل هئا، اڻپورن ترقياتي منصوبن تي ٻه کرب 19 ارب رپيا خرچ ٿيا، نون منصوبن تي 29 ارب 62 ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا، جڏهن ته نئين مالي سال ۾ نوان منصوبا شامل ناهن، اڻپورا منصوبا مڪمل ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.