” الله آڏو جوابدا آهيون آءِ ايس آءِ کي نه“ عمران جو جج کي واڪ آئوٽ جو چتاءُ

راولپنڊي(م ڊ) عمران خان توشا خانا جي نئين ڪيس ۽ نو مئي جي ڪيسن ۾ باضابطا گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته عدالت ۾ ٻڌڻي دوران عمران خان جج کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته الله آڏو جوابده آهيون آءِ ايس آءِ  کي جوابدا نه آهيو. اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي دوران عمران خان جج کي ٻڌايو ته بشري بي بي کي رڳو مون کي اذيت پهچائڻ لاءِ جيل ۾ وڌو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي باني چيو ته بادشاه سلامت منهنجي زال کي نشانو بڻائي رهيو آهي، مون کيس آءِ ايس آءِ جي عهدي تان هٽايو ۽ منهنجي زال سندس سفارش نه ڪئي. عمران خان چيو ته مون کي جيل ۾ وڌو ۽ منهنجي زال کي ڇڏي ڏيو، جج صاحب توهان الله کي جوابده آهيو، آءِ ايس آءِ نه. پي ٽي آءِ باني چيو ته جج بشير چيو هو ته مون تي بندوق رکي  فيصلو ڪرايو ويو، اڳوڻي وزيراعظم کي رات 12 وڳي ٻڌايو ويو ته صبح جو نئون ڪيس داخل ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته اسان وٽ اهي زيور آهن، جنهن ۾ پهرين ريفرنس ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي. عمران خان چيو ته مان رڳو پنهنجي زال جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، کيس ٻيهر گرفتار ڪرڻ تمام غلط آهي. پهرين آفتاب سلطان ۽ ٻين استعيفيٰ ڏني ڇاڪاڻ ته اهي غلط فيصلا ڪرڻ چاهيندا هئا. هن چيو ته ٻيو ڪيس ان ڪري ٺاهيو ويو جو کيس معلوم ٿيو ته اسان وٽ پهرين سيٽ آهي، جهنگ جي بادشاهه سڀ ڪجهه ڪيو آهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ باني عمران خان کي 9 مئي تي لاهور ۾ داخل ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. لاهور پوليس جي 12 رڪني ٽيم قانوني طريقيڪار مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڊيالا جيل اندر وئي ۽ عمران خان خلاف ڪيسن جي جاچ ڪئي. ذريعن موجب جاچ ٽيم پي ٽي آءِ باني کان 9 ۽ 10 مئي جي واقعن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، لاهور پوليس ٽيم جناح هائوس، عسکري ٽاور ۽ شادمان ٿاڻي تي حملي ڪيس، جاچ ۾ ڊجيٽل ثبوتن ۽ جوابدارن جي بيانن جي روشني ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي. گرفتار جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. توشه خانا جي نئين ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت جي جج توشا خانا جي نئين ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ باني چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جو 8-8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو. احتساب عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ کان پوءِ 22 جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ImranKhan PTI ISI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.