مبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار چيو آهي ته هن پنهنجي پهرين فلم جي شوٽنگ دوران پنهنجو نالو تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اڪشي ڪمار پنهنجي هڪ انٽرويوءَ دوران چيو ته هن مهيش ڀٽ جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم ” آج “ ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو.
هن چيو ته ان فلم تائين سندس نالو اڪشي ڪمار نه پر راجيو ڀاٽيا هو جيڪو بعد ۾ فلم هيرو جي نالي کان متاثر ٿي تبديل ڪيو.
اداڪار چيو ته فلم جي شوٽنگ دوران هيرو ڪمار گورو کائنس فلمي نالو پڇيو ته جنهن تي اداڪار ٻڌايو ته سندس نالو اڪشي آهي، پوءِ مون کيس چيو ته مان پنهنجو نالو اڪشي ئي رکڻ چاهيان ٿو.
هن چيو ته اهڙي طرح پهرين فلم ذريعي پنهنجو نالو اڪشي مليو ۽ مان سمجهان ٿو ته تمام گهٽ ماڻهن کي منهنجي اصل نالي راجيو ڀاٽيا جي خبر هوندي.
اڪشي ڪمار چيو ته راجيو هڪ سٺو نالو آهي ۽ مون کي لڳي ٿو ته شايد منهنجو نالو راجيو گانڌي جي نالي تي رکيو ويو هو پر مون اِهو نالو مٽائي ڇڏيو.
هن چيو ته جڏهن منهنجي پيءُ کي نالو تبديل ڪرڻ بابت پتو پيو ته هن مون کان پڇيو ته توکي ڇا ٿيو آهي؟ تون پنهنجو نالو ڇو بدلائي رهيو آهين؟
هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته مون پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو ته سندس پهرين فلم ۾ هيرو جو نالو اڪشي هو انڪري مان اِهو ئي نالو رکندس.