ٽرمپ تي قاتلاڻو حملو، پي ٽي آءِ جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني خلاف نوان ڪيس داخل ڪرڻ بدنيتي آهي، مخصوص سيٽون ملڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ايوان جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي.
هن چيو ته حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو پوءِ ڏسنداسين، پي ٽي آءِ جا 25 ميمبر اسيمبلي ۾ پنهنجا حلفي بيان جمع ڪرائي چڪا آهن، انهن اسيمبلي ميمبرن پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن وڙهي، ست ٻيا ميمبر به اڄ رات پنهنجا حلفي بيان جمع ڪرائيندا.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان جي ايم اين اي صاحبزادا امير سلطان کي کنڀيو ويو آهي، اسان جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪيئي ساٿي گم آهن.
هن چيو ته اين اين اي جي ڀاءَ ۽ 16 سالن جي پٽ کي کنڀيو ويو آهي، 16 ورهين جي ٻارڙي جون رڙيون سندس ماءُ کي ٻڌايون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.