پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد آزادي بعد ٻيهر گرفتار

پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي آزادي کانپوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، صنم جاويد کي اسلام آباد آزاديءَ جي هڪ ڪلاڪ بعد ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي.
وڪيل علي اشفاق صنم جاويد جي گرفتاري جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته صنم جاويد کي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
هن چيو ته اسان بنا مزاحمت جي صنم جاويد کي پوليس جي حوالي ڪيو، قانون جو احترام ڪرڻ وارن سان اِهو رويو ٿيڻ گهرجي جيڪو اسان اختيار ڪيو.
ان کان اڳ اسلام آباد جي مقامي عدالت پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي ) جي ڪيس مان بري ڪيو هو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي ڊيوٽي مئجسٽريٽ ملڪ عمران صنم جاويد جي رمانڊ تي محفوظ فيصلو ٻڌايو ۽ عدالت صنم جاويد جي وڪيلن جي ڪيس ۾ بريت جي درخواست منظور ڪئي.
عدالت صنم جاويد کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، آزادي کانپوءِ صنم جاويد پنهنجي وڪيلن سان گڏ عدالت مان رواني ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.