ڀارت کي هارائينداسين، ايشيا ڪپ کٽڻ جا آثار نظر اچي رهيا آهن: ندا ڊار

پاڪستان وومينز ٽيم جي ڪپتان ندا ڊار چيو آهي ته وومين ايشيا ڪپ جي پهرئين ميچ ئي ڀارت خلاف شيڊيول آهي جنهن لاءِ ڪافي پرجوش آهيون ڇوته ان ميچ لاءِ ڪنهن اٿارڻ ۽ يا جاڳائڻ جي ضرورت ناهي پوندي.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀارت کي پهريان به هارايو آهي ۽ ان ڀيري به ايشيا ڪپ جي شروعات فتح سان ڪنداسين.
ندا ڊار چيو ته گذريل ايشيا ڪپ جو سيمي فائنل کيڏيو هو پر ڪاميابي نه ملي، هن ڀيري گهڻي تياري ڪئي آهي سيمي فائنل ۽ فائنل کٽڻ جون اميدون نظر اچي رهيون آهن.
هن چيو ته سندس قيادت ۾ ٽيم ڪيئي سيريز کٽي چڪي آهي پر اڃا تائين پاڪستان لاءِ ڪنهن وڏي ايونٽ جي ٽرافي ناهيون کٽي سگهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.