آءِ فون ۾ وڏي تبديلي، واهپيدار دنگ رهجي ويندا

ايپل جي نئين آءِ فون 16 سيريز ۾ اهڙي وڏي تبديلي ڪئي پئي وڃي جيڪا هنيئر تائين ڪمپني جي پراڻي سمارٽ فونز ۾ ڏسڻ ۾ ناهي آئي.
ليڪس موجب، آءِ فون 16 پرو ۽ 16 پرو ميڪس ايپل جي تاريخ جا پهريان اهڙا فونز هوندا جيڪي تمام گهڻي تيزيءَ سان چارج ٿيندا.
فلحال آءِ فون 15 سيريز جي بيٽري 30 منٽن ۾ پنجاهه سيڪڙو چارج ٿئي ٿي پر آءِ فون 16 پرو ۽ 16 پرو ميڪس صرف 15 منٽن ۾ 50 سيڪڙو تائين چارج ٿيندي.
آءِ فون 15 سيريز جون بيٽريون 27 واٽ چارجنگ اسپيڊ سان چارج ٿين ٿيون ۽ انهن کي مڪمل چارج ٻن ڪلاڪن جو وقت لڳي ٿو .

پر آءِ فون 16 سيريز ۾ 40 واٽ چارجنگ اسپيڊ جي سپورٽ ڏني ويندي، اِها سپورٽ وائرڊ چارجر لاءِ هوندي جڏهن ته وائرليس چارجنگ لاءِ ويهه واٽ سپورٽ فراهم ڪئي ويندي.
يعني نوان آءِ فونز آءِ فون 15 سيريز جي ڀيٽ ۾ ٻه ڀيرا وڌيڪ تيزيءَ سان چارج ٿي سگهندا.
آءِ فون 16 سيريز جي ڊيوائسز جلد چارج ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي امڪاني طور ايپل کان هڪ چارجر خريدڻو پوندو.
ياد رهي ته ايپل طرفان آءِ فون 16 سيريز سپٽيمبر ۾ متعارف ڪرائڻ امڪان آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.