سني اتحاد ڪائونسل جو ايم اين اي اغوا

جهنگ(ويب ڊيسڪ) جهنگ مان سني اتحاد ڪونسل جي ايم اين اي صاحبزاده امير سلطان کي اڻڄاتل ماڻهن اغوا ڪري ورتو .
پي ٽي آءِ لاهور جي جنرل سيڪريٽري حافظ ذيشان رشيد پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اين اي 110 جهنگ مان چونڊيل ايم اين اي صاحبزاده امير سلطان کي سرور روڊ تي سندس گهر مان رات دير سان اڻڄاتل ماڻهو اغوا ڪري ويا آهن.
هن چيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ اسان جا ايم اين ايز غير محفوظ آهن.
ٻئي پاسي جهنگ ڪينٽ جي ايس پي اويس شفيق جو چوڻ آهي ته ايم اين اي صاحبزادا امير سلطان کي گرفتار ناهي ڪيو، سندس اغوا بابت به ڪو اطلاع ناهي مليو.
هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته جهنگ مان ايم اين اي امير سلطان کي رات دير سان اغوا ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته اسان جي ماڻهن تي وفادريون تبديل ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. اوهان پاڪستان کي ڪهڙي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، ملڪ خطري هيٺ آهي اسان قانوني جدوجهد جاري رکنداسين.
اسد قيصر چيو ته ملڪ ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪميشن جو اهم ڪردار آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ اليڪشن ڪمشنر کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.