لاهور ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان مهانگائي ۽ بجليءَ جي بلن ۾ اڻ ڳڻين ٽئڪسز خلاف 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي.
حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جماعت اسلامي مهانگائي خلاف اڄ ملڪ گير احتجاج ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويندا جڏهن ته بجلي جي بنياد قيمت ۾ ٽئڪسز خلاف 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو ۽ مطالبن جي مڃا تائين نه اُٿنداسين.