واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي قاتلاڻو حملي ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي رياست پنسلوانيا جي شهر بٽلر ۾ ريلي ۾ ڪارڪنن کي خطاب لاءِ اسٽيج تي موجود هو جنهن دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو.
آمريڪي جاچ اداري ايف بي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ تي حملو ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.
ايف بي آر موجب، حملي آور جي عمر ويهه ورهيه هئي ۽ هو پنسلوانيا جو رهواسي هو جنهن جي سڃاڻپ ٿامس ميٿيو ڪروڪس جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته سندس حملي پٺيان ڪهڙا سبب هئا ان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽرمپ جي حملي وقت شڪي حملي آور اٽڪل 120 کان 150 ميٽر پري هو جڏهن ته سيڪرٽ سروس موجب حملي آور ريلي جي ٻاهران هڪ بلند عمارت تان ڪيئي گوليون هلايون، حملي آور ريلي جي واري هنڌ کان بلڪل ٻاهر هڪ عمارت جي ڇت تي موجود هو.
آمريڪي ميڊيا جي دعوي ٰ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ريلي ۾ فائرنگ ڪندڙ شڪي حملي آور جو واسطو ريبلڪن پارٽي سان هو .
AttackonDonaldTrump USpresidents USA