توشانا جو نئون ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو جسماني رمانڊ منظور

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) توشا خانا جي نئين ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج توشا خانا جي نئين ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي بابت ڪيس جي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي.
عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جو اٺ، اٺ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
احتساب عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ 22 جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن نيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي توشاخانا جي نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.
اڄ لاهور پوليس جي 11 رڪني ٽيم به پڇا ڳاڇا لاءِ اڊيالا جيل پهتي هئي جڏهن ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيلن توشا خانا جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ٻئي پاسي وفاقي حڪومت توشاخانا جي نئين ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ئي ڪرڻ جي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي.

remand ImranKhan BushraBibi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.