پنجاب: طوفاني برساتن سبب 12 ڄڻا اجل شڪار، ڪيترائي زخمي، ٻوڏ جو خدشو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ جمعي جاري طوفاني برساتن دوران مختلف حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت جڏهن ته 27 زخمي ٿي پيا آهن.
پروونشل ڊيزاسٽرمينجمنيٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) پنجاب ۾ جاري طوفاني برساتن دوران ٿيندڙ جاني نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.
پي ڊي ايم اي رپورٽ موجب، 24 ڪلاڪن دوران لاهور، سرگوڌا، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، فيصل آباد، ڪوٽ ادو، بهاولپور ۾ طوفاني برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
پي ڊي ايم اي موجب، برسات سبب فوت ٿي ويلن ۾ 5 ٻار، 3 عورتون ۽ 4 مرد شامل آهن جڏهن ته صوبي ۾ 27 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.
پي ڊي ايم رپورٽ موجب، نارووال ۽ ملتان ۾ 3 ڄڻا آسماني وِڄ ڪِرڻ سبب حياتي وڃائي ويٺا.
پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته چوماسي برساتن جو تازو اسپيل 15 جولاءِ تائين جاري رهندو جنهن سبب لاهور، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ گوجرانوالا ۾ ٻوڏ جو به امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ 15 جولاءِ تائين چوماسي جون وڌيڪ طوفاني برساتن جو امڪان آهن.

Punjab Rain PDMA Flood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.