ڀارتي ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ وارو معاملو، پي سي بي جو بي سي سي آءِ کي چتاءُ

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) چيمپيئنز ٽرافي جون سموريون ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري موقف تان نه هٽڻ ۽ پنهنجي موقف تي قائم رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميزباني پاڪستان وٽ آهي پر اڄڪلهه پلان بي ۽ هائبرڊ ماڊل تحت متبادل وينيو جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن ته آءِ سي سي جي سالياني اجلاس ۾ ان معاملي تي ويچاريو ويندو.
آءِ سي سي جو ساليانو اجلاس 19 کان 22 جولاءِ تائين سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ شيڊيول آهي جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي شرمت جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيمپيئنز ٽرافي جون سموريون ميچون پاڪستان ۾ ۾ ڪرائڻ وارو موقف تان نه هٽندو ” پاڪستان جو ايونٽ پاڪستان ۾ “ واري موقف کي برقرار رکندو.
پي سي بي ٽن وينيوز تي ميگا ايونٽ ۾ شامل تمام اٺ ٽيمن جون ميچن جا انتظام ڪرڻ ۾ رڌل آهي، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اسٽيڊيم جي اَپ گريڊيشن تي تمام گهڻو مالي خرچ اچي چڪو آهي، هائبرڊ ۽ پلان بي جون ڳالهيون ٿيڻ سبب پي سي بي پنهنجا انتظام ناهن روڪيا.
ذريعن موجب، ڀارت کانسواءِ چيمپيئنز ٽرافي جون تمام ٽيمون پاڪستان ۾ کيڏي چڪيون آهن، ڀارت جو پاڪستان نه اچڻ وارو موقف ڪمزور آهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پاڪستان به 2026 واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ڀارت نه ويندو ڇو ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان مستقبل ۾ سخت موقف اختيار ڪندو.

ChampionsTrophy2025 PCB BCCI IndianCricketTeam Pakistancricketteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.