صدر ۽ وزيراعظم پاران ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي جي مذمت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف، آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي چونڊ ريلي دوران حملي جي مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي جو ٻڌي صدمو پهتو، سياست ۾ تشدد جي ڪابه جاءِ ناهي.
صدر آصف علي زرداري، ڊونلڊ ٽرمپ جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.
پي ايم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سياسي عمل ۾ هر قسم جو تشدد مذمت جوڳو آهي، هن ڏکي وقت ۾ همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڊونلڊ ٽرمپ جي خاندان سان گڏ آهن.
وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي آمريڪي صدر جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي جڏهن ته حملي ۾ زخمي ٿيل ٻين ماڻهن جي به جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

PMShehbaz PresidentZardari condemn AttackonDonaldTrump USpresidents USA

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.