قانوني محاذ تي عمران کي ڪاميابيون،حالتون اسٽيبلشمينٽ جي وس کان ٻاهر؟

اسلام آباد(تجزيو: عمر چيما)قانوني محاذن تي عمران خان کي سوڀ ملڻ لڳي،سندس فوري آزادي جو امڪان ئي ناهي،ٻئي زال مڙس ڪجه عرصو جيل ۾ رهندا، عدليه ۽ حڪومت وچ ۾ سڌي ڇڪتاڻ جاري آهي، حڪومت ڊنل ۽ پريشان آهي، 190 ملين پائونڊ ڪيس کي مناسب طريقي سان هلايو پيو وڃي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته ان ڪيس ۾ عمران خان کي سزا ايتري پڪي  ملي جو اڳتي هلي هاءِ ڪورٽ مان ان کي ضمانت نه ملي،جڏهن ته مهانگائي جي ڪري عوام حڪومت تي ڪاوڙيل آهي، ماڻهو بجلي سميت هر شئي مهانگي ٿيڻ تي حڪومت کي بدعائون ڏيڻ لڳا آهن، جيئن جيئن مهانگائي وڌي رهي آهي عمران خان ايترو ئي مقبول ٿي رهيو آهي،مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ماڻهو اهو سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا اسٽيبلشمينٽ عمران خان سان ته نه ملي وئي آهي؟اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو عمران خان سان گڏجي ڪٿي حڪومت سان ته ڊبل گيم نه پيا ڪن؟ سڀ کان پهرين اها ڳالهه ته سمجهي وڃي ته اسٽيبلشمينٽ جو مطلب پوري فوج ناهي، اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪجهه ماڻهو شامل ٿي پاليسي بڻائيندا آهن،ان ۾ آرمي چيف،آءِ ايس آءِ سربراهه، ڊي جي سي، ايم آءِ سربراهه ۽ ڊي جي ملٽري آپريشنز وغيره شامل هوندا آهن، اهو ناهي هوندو ته سمورا ڪور ڪمانڊرز اسٽيبلشمينٽ جو حصو هوندا آهن،اڳ ۾ ائين ٿيندو هو ته آءِ ايس آءِ کي ڪنهن جي خلاف ڪو فيصلو ڏيارڻو هوندو ته عدالت ذريعي ڏياري ڇڏيندي هئي، هاڻي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، عدليه هڪ پاسي ته اسٽيبلشمينٽ ٻئي پاسي بيٺل آهي،هن وقت ملڪي صورتحال اها آهي ته پ پ ۽ ن ليگ ڏهاڪن کان ملڪ تي حڪمراني ڪري رهيون آهن، عمران خان ان عوامي ڪاوڙ کي هٿيار بڻائي ڇڏيو آهي ان جي ڪري فوج اندر به باقي جماعتن جي مقابلي ۾ عمران خان جي حمايت آهي،اهي عمران خان جي سحر مان نه پيا نڪرن، آرمي چيف ۽ ٻي فوجي قيادت جي سوچ هڪ پاسي آهي ته فوج ۾ هيٺين سطح جا آفيسر ڪجهه ٻيو سوچي رهيا آهن،انهن جي سوچ پرو پي ٽي آءِ آهي،اهي ان جو اظهار ڪن يا نه ڪن پر اهي دلي طور پي ٽي آءِ سان گڏ آهي، سپريم ڪورٽ ۾ به اهڙي صورتحال آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي راءِ هڪڙي آهي ته ٻين ججن جي سوچ مختلف آهي،اسٽيبلشمينٽ کي عدليه هن وقت گاهه نه پئي وجهي، هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي ڪنٽرول ۾ حالتون ناهن، ججن تي دٻاءُ وجهي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پوزيشن پاڻ ڪمزور ڪري ڇڏي آهي،فوج سياست مان مداخلت ختم ڪري ته گهڻي قدر مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، عمران خان هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو بڻيل آهي ۽ ان جو حل به پاڻ ئي آهي پر هن جي فطرت ۾ مسئلي جو حل بڻجڻ ناهي،عمران خان چوي ٿو ته مان آيس ته سڀني جي دڪانداري بند ڪري ڇڏيندس پر جن جي دڪانداري هلي رهي آهي اهي به ويڙهه لاءِ تيار آهن،عدليه به پنهنجو اسڪور سيٽ ڪري رهي آهي ٻئي پاسي حڪومت هڪ ڪيس مان آزادي تي ٻيو ڪيس ڪري عمران خان کي اندر ڪري ڇڏي ٿي، ان سڄي عمل ۾ ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي،معاشري ۾ تقسيم وڌي رهي آهي، معاشي طور اسان جو زوال ٿي رهيو آهي

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 14 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.