اسلام آباد( تجزيو: معظم فخر):مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنهنجو 17 صفحن تي مختصر فيصلو جاري ڪريو ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اهڙن 39 – ميمبرن جي لسٽ پڻ جاري ڪئي وئي آهي جن کي تحريڪ انصاف جو قرار ڏنو پيو وڃي، وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف کي اها رعايت ڏئي ڇڏي آهي جيڪا کيس ڪڏهن به ملڻ نه گهربي هُئي. دراصل سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي پاڪستان ۾ طاقت جي توازن کي بلڪل ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي پاڪستان ۾ اصل اسٽبلشمينٽ فوج نه پر عدليه آهي، جنهن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ملڪ ۾ اصل طاقت ڏنڊي جي پر عدالت جي هٿوڙي جي آهي جنهن سان ملڪ جي وزيراعظمن سميت قومي اسيمبلين جي ميمبرن کي پڻ سندن جي عهدن تان هٽائي سگهجي ٿو ۽ هٽايو ويو به آهي. سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان جڏهن فيصلو ٿي رهيو هو تڏهن اسلام آباد جي شاهراه دستور تي ٽرپل ون برگيڊ جون ڪجهه گاڏيون پڻ گشت ڪندي نظر آيون ، اهي گاڏيون شايد اهو پيغام ڏيڻ پيون چاهين ته جيڪڏهن اوهان لائين کي پار ڪئي ته اوهان کي اسان جي رد عمل کي منهن ڏيڻو پوندو، پر سپريم ڪورٽ فيصلو ڪري انهن قوتن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته هاڻي اوهان ۾ ايتري سگهه نه آهي جو پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪري سگهو. سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي اصل ۾ ڪيتريون شيون واضع ڪري ڇڏيون آهن، فيصلي بعد وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ جو چوڻ اهو چوڻ ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي چيلين ڪندي يا سپريم ڪورٽ کي تحريڪ انصاف کي اهڙي رعايت نه ڏيڻ گهرجي ها جيڪي ان کي ڪڏهن به ملڻ نه گهربي هُئي جو ڇا مقصد آهي، ڇا سندس جي بيان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻي حڪومت وٽ ٻيا کي آپشن نه رهيا آهيا، جڏهن ته هن فيصلي بعد اليڪشن ڪميشن جي اختيارن متعلق پڻ سوال اٿيا آهن ڇو جو هاڻي جڏهن اهي 39- ميمبر سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد اليڪشن ڪميشن کان پارٽيءَ جي وابستگيءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ ايندا ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي اختيارن جو درست نموني استعمال ڪرڻ گهرجي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 13 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو