اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحييٰ آفريدي اختلافي نوٽ لکيو آهي.
سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي فيصلو 5-8 جي اڪثريت سان ٻڌايو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين خان درخواستن جي مخالفت ڪئي جڏهن ته جسٽس يحيٰ آفريدي فيصلي جي مخالفت ڪئي.
اقليتي ججن پشاور هاءِ ڪورٽ خلاف سني اتحاد ڪائونسل جي درخواستون رد ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جي فهرست پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪري، 27 تي اليڪشن ڪميشن هڪ آرڊر پيش ڪيو، ان دستاويز ۾ چيو ويو ته ڪجهه نامزدگي ڪاغذ اهڙا هئا جن جي پارٽي وابستگي هئي، اِهي اميدوار جن سرٽيفڪيٽ ڏنا ته هو پي ٽي سان واسطو رکن ٿا، انهن کي پي ٽي آءِ جو اميدوار قرار ڏنو وڃي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ڪڍي فيصلو ڏنو، ان بنياد تي پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، اليڪشن ڪميشن غلط طور تي پي ٽي آءِ اميدوارن کي آزاد ڊڪليئر ڪيو، تحريڪ انصاف آزاد قرار ڏيڻ جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ئي نه ڪيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي، اليڪشن ڪميشن ٻيهر مخصوص سيٽن جي ورهاست ڪري، هاڻي پي ٽي آءِ جا چونڊيل ميمبر، پاڻ کي آزاد يا تحريڪ انصاف جو ڊڪليئر ڪن، تحريڪ انصاف ميمبرن تي ڪنهن قسم جو دٻاءُ نه هئڻ گهرجي.
جسٽس يحييٰ آفريدي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي اپيلون رد ڪيون وڃن ٿيون، سني اتحاد ڪائونسل آئيني گهرجن تحت مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جي اهل نه آهي، پي ٽي آءِ کي ساڳي طريقيڪار تحت مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن.
اختلافي نوٽ ۾ جسٽس يحييٰ آفريدي لکيو ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي طور قانون ۽ آئين تي پورو لهي ٿي، پي ٽي آءِ پارٽي خور مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جي قانوني ۽ آئيني حقدار آهي، اِهي اميدوار جن ٻي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي انهن عوامي خواهش جي خلاف ورزي ڪئي.
جسٽس يحييٰ آفريدي لکيو ته اهي اميدوار جن سرٽيفڪيٽ ڏنا ته سندن واسطو پي ٽي آءِ سان آهي انهن کي پي ٽي آءِ جو اميدوار قرار ڏنو وڃي.
victory PTI SupremeCourt reservedseatsCase