نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) چيميپيئز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم جي پاڪستان نه اچڻ ۽ هائبرڊ ماڊل جون خبرون رد ڪري ڇڏيون آهن.
ڀارتي بورڊ جي اختيارين خبرن تي ردعمل ڏيندي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ نيوٽرل وينيو جي خبرون سان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.
بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا چيو ته هو خبر ناهي اهڙيون خبرون ڪٿان آيون آهن، بي سي سي آءِ ان حوالي سان باظابطا طور فلحال ڪو به ناهي ڏنو.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي، جڏهن ته ميگا ايونٽ جون ڪجهه ميچون هائبرڊ ماڊل تحت ٿينديون.
وڌ تفصيل لاءِ ڏسو هيءَ وڊيو رپورٽ