پاڪستان ۾ عيسائي فوجي آفيسر جي ميجر جنرل طور ترقي

راولپنڊي (م ڊ) مسيحي برادري سان واسطو رکندڙ فوجي آفيسر جولين معذم جيمز کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. جولين معظم جيمز پاڪستان جي تاريخ ۾ ميجر جنرل جو عهدو ماڻيندڙ پهريون مسيحي فوجي آفيسر آهي. مسيحي برادري سان واسطو رکندڙ مذهبي شخصيت بشپ آزاد مارشل فخر ۽ خوشي جو اظهار ڪيو آهي. هن سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو ته ميجر جنرل جولين معظم جيمز پهريون مسيحي ايس ايس جي ڪمانڊو آفيسر آهي جنهن کي اهو اعزاز مليو. ٻئي پاسي وزيراعظم پڻ ميجر جنرل جولين معظم جيمز کي ترقي ماڻڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته مسيحي برادري جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. ياد رهي ته هلندڙ هفتي پاڪ فوج ۾ برگيڊيئر رينڪ جي 22 آفيسرن کي ميجر جنرل جي عهدن تي ترقي ڏني وئي جن ۾ ميجر جنرل جولين معظم جيمز به شامل آهي.

Pakistan Christian majorgeneral SSG. JulianJames

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.