گورنر سنڌ جو شاگردن لاءِ اسڪالر شپ پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته گورنر هائوس مان گورنر انيشيٽو ذريعي فري اسڪالر شپ پروگرام جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جنهن ذريعي اسان ميرٽ تي ٻارن کي تعليم لاءِ پرڏيهه موڪلينداسين.
گورنر هائوس ڪائونسلنگ جي پهرين سيشن ۾شاگردن سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته سيد عابدي 15 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالر شپ تي پرڏيهه موڪليو آهي، اها ڳالهه ياد رکڻي آهي ته اسان کي پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻو آهي.
سيشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته مون پنهنجي نامزدگي وقت الله کان اها دعا ڪئي هئي ته الله مونکي هر سيڪٽر ۾ ڪم ڪرڻ جي همٿ ڏئي، اڄ پنجاهه هزار نوجوانن کي آءِ ٽي جا مفت ڪورسز ڪرايا پيا وڃن، اهي نوجوان تربيت دوران 200 کان 400 ڊالرز ڪمائي رهيا آهن.
هن جو چوڻ هو ته سٺو بزنس پروپوزل ڏيندڙ نوجوانن کي قرض طور تي هڪ لک کان هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا پيا وڃن، گورنر هائوس کان هينئر تائين 5 لک 80 هزار کان وڌيڪ مستحقين ۾ راشن بيگز ورهائي چڪا آهيون.

pakistan sindh kamrantessori

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.