بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چيني محققن جي هڪ ٽيم ڊي اين اي جو استعمال ڪندي هڪ جديد ايرروجيل مواد تيار ڪيو آهي، اهو ايروجيل اس ۾ ڏينهن ۾ گرمي پد 16 ڊگري سيلسيس گهٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
محققن ڊي اين اي جيليٽين کي هڪ ترتيب شده پرتن واري ايروجيل ڍانچي ۾ جوڙي رکيو آهي جنهن مان جذب ٿيل الٽرا وائلٽ روشني کي نظر ايندڙ روشني ۾ تبديل ڪري غير معمولي ريڊي ايٽوڪولنگ حاصل ڪري سگهجي ٿي.
سائنس جريدي ۾ شايع ٿيندڙ تحقيق موجب بائيو پوليمر تي ٻڌل انهي ريڊي ايٽو ڪولنگ ميٽريل جي استعمال سان ماحولياتي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۾ به مدد ملندي.
اهو ايروجيل مواد حفاظتي تهه طو تي شهرن ۾ عمارتي تعميرات ۾ انقلاب آڻڻ جي مترادف آهي، مطالعي جي نتيجن شهر جي سمورن ماڊلز ۾ عمارتن کي ٿڌو رکڻ ۾ سالياني توانائي جي خرچن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي جو مظاهرو ڪيو آهي.
China Temprature DNA