لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ريلوي طرفان 22 ٽرينون پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ريلوي جي چيف ايگزيڪٽيو عامر علي بلوچ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ مسافرن کي بهتر سهولتون ڏيڻ ۽ ريلوي آمدني ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ ٽرينن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جو فيصلو ڪيوويو .
پاڪستان ريلوي جي ترجمان موجب، قراقرم، ڪراچي، عوام ايڪسپريس، گرين لائين، مهر، چناب، سمن سرڪار ۽ موهن جو دڙو ٽرينون پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلايون وينديون.
ان کانسواءِ پاڪ بزنس، بولان ميل، ٿل، سکر ايڪسپريس، ماروي، چمن ۽ هزارا ايڪسپريس به نجي ڀائيواري تحت هلنديون.
ترجمان موجب، شاليمار، بهاوالدين ذڪريا، ڪوهاٽ، مهراڻ، اٽڪ، جنڊ ۽ راولپنڊي پسنجر ٽرين به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت هلايون وينديون.
چيف ايگزيڪٽيو عامر علي بلوچ موجب، پاڪستان ريلوي مسافرن کي بهترين سهولتون ڏيڻ چاهي ٿو انڪري ٽرينون پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرشپ ذريعي هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
pakistanrailway Publicprivatepartnership Pakgovt