ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) روهت شرما کي ون ڊي ۽ ٽيسٽ ٽيم ۾ ڪپتان برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جئه شاهه چيو آهي ته سندن ايندڙ هدف چيمپيئنز ٽرافي ۽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ آهي ۽ يقين آهي ته روهت شرما جي قيادت ۾ ڀارت ٻئي ايونٽ کٽيندو.
جئه شاهه موجب، گذريل هڪ سال دوران ڀارتي ٽيم روهت شرما جي ڪپتاني ۾ ٽن وڏن ايونٽن جا فائنل کيڏيا ۽ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کٽيو، ورلڊ ڪپ جي فتح راهول ڊريوڊ، روهت شرما، ويرات ڪوهلي ۽ رويندرا جاڙيجا جي نالي ڪيان ٿو.
ياد رهي ته ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ روهت شرما، ويرات ڪوهلي ۽ رويندرا جاڙيجا ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
هن چيو ته اميد آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جيان ڀارتي ٽيم روهت شرما جي قيادت ۾ چيمپيئنز ٽرافي ۽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ به بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي.
India Pakistan ICCChampionsTrophy2025 PCB BCCI