سعودي گروپ ايساد هولڊنگ گڏيل عرب امارتن ۾ قائم وافي انرجي هولڊنگ لميٽيڊ ذريعي شيل پاڪستان لميٽيڊ جا 77.42 سيڪڙو شيئر هولڊنگ ۽ ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.
شيل پاڪستان لميٽيڊ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لسٽڊ آهي ۽ پاڪستان ۾ موٽر ٻارڻ ۽ لوبريڪينٽس جي ريٽيل سپلاءِ جو ڪم ڪري رهي آهي، وافي انرجي ايل ايل سي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي مقصدن لاءِ هولڊنگ لميٽيڊ قائم ڪئي آهي.
مسابقتي ڪميشن به انهن شيئرز جي خريداري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
مسابقتي ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب شيل پاڪستان جي ٽنهي لاڳاپيل مارڪيٽن ۾ الڳ الڳ شيئرز آهن پر تجويز ڪيل ٽرانزيڪشن کانپوءِ انهن مارڪيٽن ۾ ڪا تبديلي نه ايندي ۽ نه ئي وافي انرجي هولڊنگ لميٽيڊ ئي وافي انرجي هولڊنگ لميٽيڊ جي لاڳاپيل مارڪيٽن ۾ بالادست هجڻ جو سبب بڻجندي.
مسابقتي ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد چيو ته ان اڳڀرائي سان ريٽيل فيول سپلاءِ چين ۾ خدمتن جي معيار ۽ ڪمپٽيشن کي هٿي ڏيڻ جي اميد آهي ۽ اها پاڪستاني مارڪيٽن کي وڌڻ ۾ مدد ڏيندي.
هوڏانهن شيل پاڪستان جي ترجمان موجب وڪري جو عمل هڪ سال کان جاري آهي، مڪمل ٿيڻ ۾ وڌيڪ ٻه مهينا لڳي سگهن ٿا.
ترجمان چيو ته لبريڪنٽ بزنس جا شيئرز به وڪرو ٿي رهيا آهن، شيل جو برانڊ جيئن جو تيئن موجود رهندو.
saudiarabia pakistan shellpakistan