جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف سوشل ميڊيا مهم تي هنگامي اجلاس طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف سوشل ميڊيا مهم تي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.
بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي 9 جولاءِ تي هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي.
هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پڌرائي جاري ڪندي چيو ته جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف بدنيتي تي ٻڌل سوشل ميڊيا مهم جي مذمت ڪيون ٿا، هو هڪ قابل ۽ محنتي جج آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته جسٽس طارق محمود جهانگيري جو وڪيل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل طور شاندار پيشيوراڻو ڪيريئر آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار عدليا جي آزادي ۽ خود مختياري تي مڪمل يقين رکي ٿي.

tariqmehmoodjahangiri islamabadhighcourtbar pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.