اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي راڄڌاني لاهور، مري سميت پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات پئي آهي.
ملتان، پاڪ پتن، ڀڪر، رحيم يار خان ۽ بهاولنگر سميت ٻين شهرن ۾ مينهن وسيو، مري جي مٿانهن علائقن ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ ٿڌ پئجي وئي.
اهو سلسلو سڀاڻي به وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي.
ضلعي انتظاميا وارننگ جاري ڪئي آهي ته سياح غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.
هوڏانهن وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.
هن شهري ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي حفاظتي ۽ ضروري انتظامي اپائن جون هدايتون جاري ڪندي ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ واسا کي نيڪالي لاءِ سرگرم رهڻ جو حڪم ڏنو.
lahore islamabad rain