ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سومر ۽ اڱاري تي آنڌاري ۽ گجگوڙ سان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، شهر ۾ اڄ ڏينهن جو موسم گرم رهي ۽ شام جو ڪجهه هنڌن تي ڦر ڦڙ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سومر ۽ اڱاري تي آنڌاري ۽ گجگوڙ سان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي.
چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب بلوچستان ۾ هلندڙ سال معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي. جولاءِ دوران برسات جا 2 کان ٽي اسپيل ايندا، آگسٽ ۾ بلوچستان ۾ چوماسي جون وڌيڪ برساتون پونديون.
karachi rain weatherupdate