ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته مراد علي شاهه جون ترقياتي ڪمن جو دعوائون رد ڪيان ٿو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪجهه سٺو ٿئي ها ته اسان تعريف ڪيون ها، سنڌ حڪومت پنهنجي 15 سالن جي دور ۾ ڪجهه نه ڪيو.
هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، رڳو اشتهارن تي اربين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، اهو پئسو منهنجو ۽ توهان جو آهي، ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي دور ۾ ڪراچي دنيا ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ 12 شهرن ۾ شامل هو.
mustafakamal ppp mqm