ايشين ٽيم اسنوڪر چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پاڪستان کي هائيلينڊ هٿان شڪست

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۾ ٿيل ايشين اسنوڪر مقابلن ۾ پاڪستان هڪ ٻيو گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ کان رهجي ويو.
ايشين ٽيم اسنوڪر چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پاڪستان کي ٿائيلينڊ شڪست ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ پاڪستان کي سلور ميڊل مليو.
سعودي عرب ۾ ايشين 6 ريڊ بال ۽ ايشن انڊر 21 چيمپيئن شپ ۾ شاندار ڪاميابين کانپوءِ پاڪستان ايشين ٽيم اسنوڪر چيمپيئن شپ ۾ به زبردست پرفارمنس ڏيکاري ۽ فائنل تائين رسائي حاصل ڪئي.
پر فائنل ۾ پاڪستان ٽيم جي فارم کي بريڪ لڳي ويو ۽ قومي ٽيم کي ٿائيلينڊ هٿان 3-0 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.