هيوسٽن ( ويب ڊيسڪ ) ارجنٽينا ايڪواڊور کي پنالٽي شوٽ آئوٽ تي شڪست ڏئي ڪوپا آمريڪا فٽبال جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
هيوسٽن ۾ جاري ڪوپا آمريڪا ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ ارجنٽينا مارٽنز جي گول جي مدد سان 35 هين منٽ ۾ سرسي حاصل ڪئي، پهريون هاف ارجنٽينا جي سرسي تي ختم ٿيو.
ٻئي هاف ۾ ايڪواڊور کي ميچ برابر ڪرڻ جو موقعو مليو پر ان جو پليئر پنالٽي ڪِڪ مِس ڪري ويو.
راند جي آخري ۾ روڊ ريگز گول ڪري ميچ هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏي، ميچ کي فيصلائتو بڻائڻ لاءِ اضافي وقت ڏنو ويو پر ان ۾ ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي، جنهن بعد ميچ جو نتيجو پنالٽي شوٽ آئوٽ ذريعي ٿيو.
شوٽ آئوٽ تي ارجنٽينا 2-4 تان ڪاميابي ماڻي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو.
ٻئي پاسي يورو ڪپ فٽبال ۾ اڄ کان ڪوارٽر فائنل مقابلا شروع ٿيندا، اسپين جي ٽيم ميزبان جرمني سان مقابلو ڪندي جڏهن ته پرتگال فرانس سان مهاڏو اٽڪائيندو.
ArgentinavsEcuador Copa America leonardomessi