چاهت فتح علي خان جي مشهور گاني ”بدوبدي“ جو ايوان ۾ به ذڪر ٿيڻ لڳو آهي.
يوٽيوب مان ڊليٽ ٿيڻ باوجود ڄاڻايل گاني پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ به شهرت ماڻي هئي.
سينيٽ جي جوڙيل ڪميٽي ڪابينا جي سيڪريٽريٽ جو اجلاس چيئرمين رانا محمود الحسن جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس دوران اسپيشل سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪابينا ڊويزن سول ايوارڊز جي طريقيڪار ۾ تبديلي آندي آهي.
سيڪريٽري جو چوڻ هو ته فنڪارن کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ يوٽيوب تي موجود وڊيوز کي به ڏٺو ويندو آهي، اجلاس ۾ سينيٽر عامر چشتي سوال ڪيو ته ايوارڊ لاءِ ”بدوبدي“ کي به غور هيٺ آندو ويندو؟
اسپيشل سيڪريٽري جواب ڏنو ته ”بدوبدي“ گاني جا ويوز ته پاڪستاني آباديءَ کان به وڌي ويا هئا، ان تي سينيٽر عامر چشتي چيئرمين کان پڇيو ته ڇا اوهان اهو گانو ٻڌو آهي.
چيئرمين ڪميٽي رانا محمود چيو ته ها بلڪل ٻڌو آهي ۽ ٻڌي ڪري منهنجي مٿي ۾ سور ٿي ويو هو.
BadoBadi Senate Award
You might also like