اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم ٽيڪس ڏيڻ جيتري آمدني رکڻ باوجود گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ کي فوري طور تي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وزير اعظم شهباز شريف ايف بي آر جي سڌارن بابت اعليٰ سطح اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد اورنگزيب، احمد خان چيما،علي پرويز ملڪ،وزير اعظم جو ڪوآرڊينيٽر رانا احسن افضل، چيئرمين ايف بي آر،پاڪستان بزنس ڪائونسل جي سي اي او احسان ملڪ، ڪارنداز جي سي اي او وقاص الحسن ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس کي ايف بي آر کي سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي عمل تي اڳڀرائي بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي هاڻوڪي نظام ۽ افرادي قوت جي حوالي سان جائزو پنهنجي حتمي مرحلن ۾ آهي، 4 هزار ڪمپنين طرفان جعلي ۽ انڊر انوائيس وارن سيلز ٽيڪس ريفنڊز جي نشاندهي ڪري انهن کي روڪيو ويو آهي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته لڳ ڀڳ 45 لک اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جا حقدار آهن پر ٽيڪس ناهن ڏيندا، وزير اعظم اهڙن ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.
Pakistan ShehbazSharif NonFilers
You might also like