اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل پاور ريگوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ) بجلي ٽي رپيا 33 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، نيپرا طرفان قيمت ۾ واڌ مئي جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، بجلي جا نوان اگهه لائف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندا.
نوٽيفڪيشن موجب، بجلي ۾ واهپيدارن کان واڌو اوڳاڙيون جولاءِ جي بلن ۾ ڪيو وينديون.
ٻئي پاسي نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي هڪ رپيو 67 پئسا في يونٽ سستي ڪري ڇڏي آهي.
ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاٿ اپريل 2024 جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
You might also like