لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف محرم الحرام کانپوءِ سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، نواز شريف پهرئين مرحلي ۾ پنجاب جي مختلف ضلعن جا دورا ڪندو جتي ضلعي سطح تي پارٽي تنظيمي جوڙجڪ ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ان کانپوءِ ٻين صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا دورا پڻ ڪندو.
You might also like