ساوند-سندراڻي خوني تڪرار جو نبيرو، ڌرين مٿان مجموعي طور 6 ڪروڙ 36 لک رپيا ڏنڊ

گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر) ڪارنهن مامري تان شروع ٿيندڙ ساوند-سندراڻي خوني تڪرار جو نبيرو گوهر پئلس تي علي گوهر مهر جي سرپئنچي هيٺ ٿيو.
جرڳي ۾ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، غوث بخش مهر، جلال ڪلپر بگٽي،ڊاڪٽر طارق ساوند، عابد سندراڻي ۽ ٻيا چڱا مڙس شريڪ ٿيا، جرڳي دوران گوهر پئلس ٻاهران سيڪورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا.
ٻنهي ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ بعد سرپئنچ طرفان نبيري جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 6 ڪروڙ 36 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.
جرڳي ۾ ساوند ڌر جا سندراڻين ڏي 13 خون ثابت ٿيا، جن جو 3 ڪروڙ 21 لک رپيا جڏهن ته سندراڻين جا ساوندن ڏي 11 خون ثابت ٿيڻ تي 3 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو.
واضح رهي ته ڪجهه سال پهريان ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارنهن مامري تان شروع ٿيل خوني تڪرار 30 کان وڌيڪ انساني جانيون ڳڙڪائي چڪو هو.
خوني جهيڙي ۾ پروفيسر اجمل ساوند سميت وڪيل نور الاهي سندراڻي به گولين جو کاڄ بڻيا هئا، شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي خون جو هڪ ڪروڙ رپيا ملهه رکيو ويو.

ghokti sindh awamiawaz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.