خيرپور: بجلي جي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ بجلي جي ٿنڀي ۾ تار لڳائيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو.
ڀرڳڙي پاڙي جو رهواسي 20 ورهين جو احمد علي پٽ قربان لاشاري چانڊيا محلي ۾ بجلي جي ٿنڀي ۾ لائيٽ جي تار لڳائي رهيو هيو ته اوچتو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.
نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پکڙجي وئي.

khairpur sindh awamiawaz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.