ڊوميسٽڪ سطح تي سينٽرل ڪانٽريڪٽس يافته رانديگرن جو انگ گهٽائڻ جو امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) طرفان ڊوميسٽڪ سطح تي سينٽرل ڪانٽريڪٽس لاءِ نيون تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي سينٽرل ڪانٽريڪٽس جي نئين پاليسي جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ ٽنهي فارميٽ جو چيمپيئنز ڪپ کيڏڻ وارن ڪرڪيٽرز کي ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، چيمپيئنز ڪپ ۾ پنج ٽيمون شامل هونديون ۽ هر ٽيم ۾ ٽاپ ٽيهه ڪرڪيٽرز هوندا، سينٽرل ڪانٽريڪٽ به انهن 150 رانديگرن کي ڏيڻ جي تجويز آهي.
ياد رهي ته گذريل سال 360 ڪرڪيٽرز کي سينٽرل ڪانٽرڪيٽ ڏنو ويو هو.
ذريعن موجب پي سي بي 210 ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرز جا ڪانٽريڪٽس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جو انگ گهٽائي معاوضو وڌائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.