اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف ايم پي اي فوزيا صديقي جي تصديق ٿيل ايڪس اڪائونٽ تان سينيئر جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب طرفان سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ بابت پوسٽ جي ترديد ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته 3 جولاءِ کان فوزيا صديقي جي ايڪس اڪائونٽ ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان اها خبر شايع ڪئي پئي وڃي ته ججن جي فيملين کي ڳجهي ايجنسين جي ڌمڪائڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب آءِ ايس آءِ چيف خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.
عدالت طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا پوسٽ ڪوڙي ۽ بي بنياد آهي، ان خبر ۾ ڪا سچائي ناهي.
islamabadhighcourt justicegulhassanaurangzeb pti