گوگل ميپس ۾ هڪ اهڙي ڪارآمد فيچر جي واڌ ٿي رهي آهي، جيڪو گروپ ۾ سفر ڪرڻ جو انداز تبديل ڪري ڇڏيندو.
حقيقت ۾ انهي فيچر سان مختلف گاڏين تي سوار ماڻهو گڏيل نيوي گيشن ڪري سگهندا.
انهي فيچر بابت هڪ ليڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيترن ئي گاڏين کي ريئل ٽائم ۾ گڏيل نيوي گيشن ڪرڻ جو موقعو ملندو، ڀلي اهي مختلف جاين کان ئي روانا ڇو نه ٿيا هجن.
هاڻي تائين گوگل ميپس ۾ صرف هڪ ئي گاڏي ۾ نيوي گيشن ۽ ٻيا تفصيل ڏسڻ جو موقعو ملندو آهي، پر مختلف گاڏين ۾ سفر ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ ڪنهن هڪ منزل تي پهچڻ لاءِ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو.
پر نيوي گيشن فيچر سان ماڻهن کي انهي مسئلي کي منهن نه ڏيڻو پوندو ۽ ڌار ڌار گاڏين ۾ سفر ڪرڻ وارن دوستن يا گهروارن سان گڏ رئيل ٽائيم ۾ رابطو ڪري سگهبو.
گوگل ميپس جو سسٽم انهي رستي ۾ اڳواڻي ڪندڙ گاڏين جي اپڊيٽس سان ٻين سمورن ڊرائيورن کي آگاهه رکندو، اڃا اهو معلوم ناهي ٿيو ته گوگل ميپس طرفان انهي فيچر کي باضابطا طور تي ڪڏهن تائين متعارف ڪرايو ويندو.
GoogleMaps technology Ride