پي ٽي آءِ اڳواڻن کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي، عمر ايوب جا اهلڪارن سان ڏند چڪ

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقات جي اجازت نه ملي.
پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ هڪ گروپ ۾ شامل شبلي فراز، عمر ايوب، رئوف حسن ۽ ٻئي گروپ ۾ شامل شاندانا گلزار، شهريار آفريدي ۽ جنيد اڪبر اڊلايا جيل پهتو هو پر ٻنهي کي اجازت نه ملي.
قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر واري اڳواڻ عمر ايوب جي اڊيالا جيل تي مقرر اهلڪارن سان ڏندچڪ ٿي پئي ۽ جيل عملي سان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.
عمر ايوب جو چوڻ هو ته ٻن ڪلاڪن کان انتظار ۾ ويٺل آهيون پر ملاقات جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، اڄ اسانجي پي ٽي آءِ باني جي ملاقات متوقع هئي پر جيل انتظاميا اسان کي ملڻ نه ڏنو.
مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ هڪ پيج تي آهي، اسان سڀئي هڪ آهيون، اسان پي ٽي آءِ باني سان گڏ بيٺل آهيون، انهن سڀني کي تحريڪ استحقاق ذريعي لائن حاضر ڪنداسين ۽ انهن کان پڇيو ويندو ته ملاقات کان ڇو روڪيو ويو.
Pakistan PTI ImranKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.