ڀارتي مشهور ڪاميڊي ڊراما ”تارڪ مهتا ڪا الٽا چشما“ ۾ جيٺا لال جو ڪردار ادا ڪندڙ دليپ جوشي بابت هڪ نئون انڪشاف ڪيو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ دليپ جوشي انڪشاف ڪيو آهي ته مان ڇوڪرن جي اسڪول ۾ پڙهندو هئس، ڇوڪرين سان ڳالهائڻ جي طريقي جي خبر نه هئي، پنهنجي جواني ۾ عورتن سان ڳالهائڻ کان ڊپ ٿيندو هو.
هن جو چوڻ هو ته اداڪاري ۾ اچڻ بعد پاڻ تي اعتماد ٿيو ۽ آهستي آهستي عورتن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، اڳتي هلي ڊرامن ۾ عورتن سان گڏ ڪم به ڪيو.
”تارڪ مهتا ڪا الٽا چشما“ ڀارت ۾ هلندڙ سڀ کان ڊگهو ڊرامو آهي، دليپ جوشي انهي ڊرامي ۾ جيٺا لال جو اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ اهو ڊرامي ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺڻ وارن اداڪارن ۾ شامل هو.
India Comedy Actre
You might also like