شهر ۾ بنا وقفي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي: سي اي او واٽر ڪارپوريشن

ڪراچي (پ ر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد واٽر ڪارپوريشن اين اي ڪي ٽو، اين اي ڪي ٿري پمپنگ اسٽيشن ۽ فلٽر پلانٽ ۽ اين اي ڪي اولڊ پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪري معائنو ڪيو ۽ پاڻي جي فراهمي جو تفصيلي جائزو ورتو.
ان موقعي تي سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان، چيف انجنيئر اي اينڊ ايم انتخاب احمد راجپوت، چيف انجنيئر بلڪ سڪندر زرداري، چيف انجنيئر ڊبليو ٽي ايم ظفر پليجو سميت ٻيا اعليٰ عملدار ساڻس گڏ هئا.
دوري دوران چيف انجنيئرن سي اي او واٽر ڪارپوريشن کي واٽر ٽرانسميشن سسٽم، بلڪ پمپنگ اسٽيشنز، فلٽر پلانٽس ۽ ريزروائير بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
سي اي او واٽر ڪارپوريشن سمورن آفيسرن کي سخت هدايتون ڏيندي چيو ته شهر کي سمورين بلڪ پمپنگ اسٽيشن تان معمول موجب پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ شهر ۾ پاڻي جي مسلسل فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.
ھن چيو ته واٽر ڪارپوريشن جي سسٽم ۾ موجود پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن، شهر ۾ پاڻي جون شڪايتون فوري طور تي حل ڪيون وڃن ۽ شهر ۾ پاڻي جي کوٽ وارا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، ان کانسواءِ پاڻي جي لائينن ۾ موجود ليڪيجز کي فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي لائينن کي چڱي طرح صاف ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته شھر ۾ پاڻي جي مسلسل فراهمي ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ واٽر ڪارپوريشن انتظاميا جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.