شاهه رخ خان ڪيريئر جو سڀ کان وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

پنهنجي ڪاميابي فلمي ڪيرئر سبب سڄي دنيا ۾ پنهنجو نالو ٺاهيندڙ بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان عالمي سطح تي هڪ ٻيو وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪندي اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو.
بالي ووڊ اسٽار ۽ عالمي آئيڪون شاهه رخ خان کي ”لوڪارنو فلم فيسٽيول“ جي 77 هين ايڊيشن ۾ ان جي ڪامياب فلمي سفر جي ڪري ڪيرئر اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويندو.
لوڪارنو فلم فيسٽيول جي انتظاميا انسٽاگرام تي پنهنجي پوسٽ ذريعي اعلان ڪيو ته فيسٽيول ۾ هن سال ڪيرئر اچيومينٽ ايوارڊ ذريعي بالي ووڊ سپر اسٽار جي شاندار فلمي ڪيرئر جو جشن ملهايو ويندو.
اداڪار هلندڙ سال 11 آگسٽ تي اوپن ايئر وينيو ”پيزا گرانڊي“ ۾ پنهنجو ڪيرئر اچيومينٽ ايوارڊ وصول ڪندو، انهي تقريب ۾ سنجي ليلا ڀنسالي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ڪنگ خان جي بلاڪ بسٽر فلم ”ديوداس“ به ڏيکاري ويندي.
BollyWood ShahRukhKhan Award

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.