سنڌ حڪومت سيلز ٽيڪس ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان خدمتن تي سيلز ٽيڪس ۾ ٻه سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪو اڄ کان لاڳو ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب سنڌ سيلز ٽيڪس (ايس ايس ٽي) جي شرح 13 مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جيڪو هوٽلن، فارم هائوسز، ريسٽورنٽس، ڪيٽرز ۽ شادي هالن تي لاڳو ٿيندو.
ان کانسواءِ گيسٽ هائوسز ۽ ڪلبز تي به ايس ايس ٽي ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.