اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا .
اسلام آباد جي اي ٽي سي جي جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف سنگجاڻي ۽ آءِ 9 ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو.
عدالت ايم اين اي راجا خرم نواز جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
انکانسواءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن حيدر بن مسعود، عمر تنوير بٽ ۽ راجا ماجد حسين جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
عدالت جوابدارن جون حاضري کان ڇوٽ واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، حيدر بن مسعود ۽ علي امين گنڊاپور طرفان ڌار ڌار حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون جمع ڪرايون ويون هيون.
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حيدر بن مسعود طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هو بيمار آهي، درخواست سان گڏ ڪو به سرٽيفڪيٽ جمع ناهي ڪرايو ويو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور اپريل کان عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو، سندس درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هو شهر کان ٻاهر آهي، جڏهن ته ان حوالي سان ڪي به تفصيل فراهم ناهن ڪرايا ويا.
Next Post
You might also like