سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ن ليگ هتي پنهنجو گورنر لڳائي نه ته ڪرسي اسان کي ڏئي، پ پ جي خواهش هئي ته گورنر اسان جو هجي پر ن ليگ چيو هو ته گورنر انهن جو هوندو، جيڪڏهن ن ليگ وٽ گورنر ناهي ته پ پ پنهنجي گورنر جو نالو ڏيندي.
هن چيو ته ڪوٽا سسٽم جي شروعات لياقت علي خان ڪئي، ڀٽو حڪومت رڳو ان کي جاري رکيو، ايم ڪيو ايم نفرت جي سياست ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ بهتري ڏسي ايم ڪيو ايم زهر اوڳاڇڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي، انڌڻ ڪاڻن کي نوڪريون ڏيندڙ ڪوٽا سسٽم جا سپورٽر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.