همدرد پاڪستان جي سهڪار سان حقدار گهراڻن کي ڇوڪرين جي شادي لاءِ ڏاج جو سامان ڏنو ويو

ڪراچي (پ ر) ٽيم ڪراچي ويلفيئر سوسائٽي طرفان همدرد پاڪستان جي سهڪار سان گهٽ وسيلا رکندڙ 100 گهراڻن جي ٻارڙين جي شادي لاءِ ڏاج جي مد ۾ سامان فراهم ڪيو ويو.
ان حوالي سان ڪراچي شهر جي مقامي هال ۾ تقريب ٿي، جنهن ۾ همدرد فائونڊيشن پاڪستان جي صدر سعديه راشد خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ ضرورتمند ماڻهن ۾ سامان ورهايو، همدرد پاڪستان جي چيف آپريٽنگ آفيسر فيصل نديم، گروپ ڊائريڪٽر ايڇ آر ابو طالب ڀٽو ۽ ڊائريڪٽر همدرد فائونڊيشن پاڪستان سيد محمد ارسلان به تقريب ۾ شريڪ ٿيو.
تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سعديه راشد چيو ته قوم طور اهو اسان سڀني جو جذبو هجڻ گهرجي، سفيد پوش اسان کي فرياد ناهن ڪري سگهندا، اسان کي پاڻ پاڙيسرين، مٽن مائٽن جي تڪليفن کي سمجهڻ گهرجي.
سيد محمد ارسلان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته همدرد پاڪستان هڪ فلاحي ادارو آهي، جنهن جو ڪم خلق جي خدمت ڪرڻ آهي.
ٽيم ڪراچي طرفان صدر ثاقب ذيشان، نائب صدر ذيشان الرب جعفري، بورڊ ميمبر محمود ارشد ۽ بورڊ ميمبر مفتي شاڪر صديقي ميزبان طور موجود هئا.
همدرد پاڪستان جي سهڪار سان جيڪو بنيادي سامان فراهم ڪيو ويو، ان ۾ ڊنر سيٽ، باٿ سيٽ، بالٽيون، ڪولر، جڳ، گلاسن جا سيٽ، جوسر مشين، استري، تئو، فراءِ پين، ٽري سيٽ، ڪچن سيٽ، ٿرماس، واٽر سيٽ، ڇاڻي، سلائي مشين، واشنگ مشين، پکو، ڪنوار لاءِ 3 عدد جوڙا ۽ روڪ رقم شامل هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.