” بابر اعظم ڪنهن به وڏي ٽيم جي پليئنگ اليون ۾ فٽ نٿو ٿئي“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ وائٽ بال ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم بابت وڏو بيان ڏئي ڇڏيو .
هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڪپتان چيو ته بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪنهن به وڏي عالمي ٽيم ۾ فٽ نٿو ويهي.
هن چيو ته پاڪستان ٽيم جو بهترين رانديگر بابر اعظم آهي، مان رڳو چار کان پنج ٽيمن بابت ڳالهه ڪندس، ڇا بابر اعظم آسٽريليا، انگلينڊ يا ڀارت جي مخصوص فارميٽ جي ٽيمن جي پليئنگ اليون ۾ فٽ ٿي سگهي ٿو؟ جواب نه آهي.
واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم مڪمل ناڪام نظر آيو هو جڏهن ته سندس قيادت ۾ قومي ٽيم ايونٽ جي پهرئين رائونڊ مان ٻاهر ٿي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.