هاڻوڪي حڪومت ۾ هر ماڻهو شيطان آهي:بشريٰ بي بي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواريءَ بشريٰ بي بي چيو ته هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۽ فوج جي بدنامي جو سبب بڻيل آهي، جنهن جو هر ماڻهو شيطان آهي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي بشريٰ بي بي جو چوڻ هو ته هن ملڪ ۾ فراڊين ۽ چورن جي حڪومت آهي.
هن ٻڌايو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون رياست، فوج ۽ ملڪ جي بدنامي جو سبب آهن، حڪومتن ۾ ويٺل هر ماڻهو شيطان آهي.
بشريٰ بي بي وڌيڪ چيو ته اهي حڪومتون اسان کي ڇا ڪيرائينديون انهن کي ته الله پاڻ کي ڪيرائي ڇڏيندو.
Pakistan Bushrabibi ImranKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.